اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ اسان پاران پنهنجي ان??ن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل حمايت جو ورجاءُ آهي جن کي 6 مهينن کان غيرانساني حراست ۽ مواصلاتي ناڪابندي جو نشانو بڻايو پيو وڃ??، اهڙيون ڊگهيون پابنديون جن جو ڪٿي ب?? مثال نه ٿو ملي، ان??ن نام نهاد ڀارتي جمهوريت جي فساني ۽ ان پاران بنيادي انساني قدرن جي ب?? لحاظي کي ب?? نق??ب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ قابض فوج هٿان 80 لک ڪشميرين کي ان??ن جي پنهنجي سرزمين تي قيد ڪري رکيو آه??، اهڙي ب??يادي حقن جي پائمالي جا تاريخ ۾ گهٽ ئي مثال ملن ٿا، عالمي برادري ڪشميرين جي ب??يادي انساني حقن ۽ ان??ن جي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي جارحاڻي ۽ جنجگو قدمن سان امن کي لاحق خطرن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.