اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي ع??ب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وفد جي آجيان ڪئي ۽ شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام سدائين سعودي قيادت جو خاص احترام ڪيو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لا??اپ?? جو ذڪر ڪندي سعودي ع??ب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي ج?? لاءِ پاڪست??ن جي ع??م ۽ حمايت جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ع??ب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جي وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ سعودي ع??ب ۽ پاڪست??ن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تازو ئي قائم ٿيندڙ سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دفاع?? لا??اپ?? تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ سالن ۾ ٻطرفو دفاعي تعاون وڌيڪ وڌندو. سعودي ع??ب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ بهترين تعاون جو ذڪر ڪندي پاڪست??ن جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. ملاقات ۾ يمن جي تازي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم يمن جي تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ ج?? لاءِ پاڪست??ن جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سعودي ع??ب پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جا پراڻا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ گڏيل تعاون ۾ ڳنڍيل آهن جڏهن ته دورن جي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لا??اپ?? جي عڪاس آهي.