لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي 64 سالا تاريخ ۾ رڳو 64 ڪروڙ وڻ لڳايا ويا جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا، لاهور جو مياواڪي ٻيلو دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيلو هوندو، سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي به ماحولياتي آلودگي درپيش آهي، ايندڙ نسلن کي صاف سٿرو ماحول ڏيڻ جي لاءِ اسان کي وڻ لڳائڻا پوندا. هو ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ويزن تحت سگيان لاهور ۾ مياواڪي ٻيلي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وز??ر سردار عثمان بوزدار، وز??راعظم جو موسمياتي تبديلي وارو صلاحڪار ملڪ امين اسلم، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وز??ر فرخ حبيب، وز??راعظم جو خاص معاون شهباز گل، ٻيلن وارو صوبائي وز??ر سبطين خان، پي ايڇ اي ۽ ماحوليات کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وز??راعظم عمران خان چيو ته مياواڪي ٻيلن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ٿيندي، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان اسان جي منزل آهي. هن چيو ته ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري زمين جو گرمي پد وڌي ويو آهي. هن چيو ته مياواڪي ٻيلا لڳائڻ تي انتظاميا ۽ خاص طور تي وڏي وز??ر سردار عثمان بوزدار کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي 64 سالا تاريخ ۾ 64 ڪروڙ وڻ لڳايا ويا جڏهن ته 2013ع کان 2018ع تائين رڳو خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته لاهور ڪڏهن باغن جو شهر هوندو هو، اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر ملڪ ڇڏي وينداسين. وز??راعظم نوجوانن ۽ شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي حصي جو هڪ هڪ ٻوٽو لڳائين ۽ ان جي سارسنڀال به ڪن ته جيئن اسان ايندڙ نسلن کي بهتر ۽ صاف ماحول ڏئي سگهون. ان موقعي تي وز??راعظم کي مياواڪي اربن فاريسٽ تي بريفنگ ڏني وئي. برينگ ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ اهڙا 53 فاريسٽ قائم ڪيا پيا وڃن جيڪي لاهور جي فضا ۾ ڪاربن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي سان لڳائي ويندڙ ان ٻيلي ۾ مجموعي طور تي 165000 ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪي عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ تيزي سان وڌن ٿا. بعد ۾ وز??راعظم عمران خان ٻوٽو لڳائي مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪيو.