اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 84 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 923 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي ??ريضن جي تناسب جي ??حاظ کان ملتان ۾ 59 سي??ڙو?? لاهور ۾ 30 سي??ڙو?? پشاور ۾ 28 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي ??ثبت ڪيسن جي تناسب جي ??حاظ کان ڪراچي ۾ 34 سي??ڙو?? ايبٽ آباد ۾ 40 سي??ڙو?? گجرانوالا ۾ 31 سي??ڙو?? ملتان ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ – 19 جا 52 هزار 393 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 937، پنجاب ۾ 21 هزار 390، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 78، اسلام آباد ۾ 3 هزار 331، بلوچستان ۾ هڪ هزار 652، گلگت بلتستان ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 60 هزار 385 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??يڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي ??اءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪو??يڊ 19 جا 442 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 48 هزار 937 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 30 هزار 511 آهي .