اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي گادي واري شهر ۾ صحت جي سهولتن ??ي بهتري ۽ عوام کي صحت جون معياري سهولتون ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان کنيل قدمن بابت اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيص?? سلطان وزيراعظم کي تف??يلي بريفنگ ڏني.