تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون جا ٿورائتا آهيون: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

image

اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2022ع دوران تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ کانپوءِ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ بئنڪ جي وڌيڪ تعاون جا خواهشمند آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خوشي ٿي آهي. پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو ماڻهن سان تعاون ۽ يڪجهتي ساراهه جوڳي آهي ۽ اسان مستقبل ۾ ان تعاون کي جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم جاري آهي، حصيدارن سان گڏجي اسان هڪ مضبوط موسمياتي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : loteria Ceará
متعلقہ مضامین
مزید خبریں