پاڪستان ترقي جي قومي ويزن تي عمل پيرا آهي: وزيراعظم

image
APP66-170321 ISLAMABAD: March 17 - Prime Minister Imran Khan addressing at the opening session of “Islamabad Security Dialogue”. APP

اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ ۽ 100 کان وڌيڪ ٿنڪ ٽينڪس ۽ يونيورسٽين کي پاليسي سازي جي عمل ۾ شريڪ ڪرڻ جي لاءِ قومي سلامتي ڊويزن ۽ ايڊوائيزري پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اقتصادي خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي قومي ويزن تي عمل پيرا آهي، وزيراعظم چيو ته سلامتي جي گهرج آهي ته اسان پاڪستان جي عام شهرين کي محفوظ بڻايون ۽ کين زندگي جون ضرورتون فراهم ڪيون وڃن.

مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز