اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز پاران سينيٽر مشاهد الله خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سينيٽر مشاهد الله خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته پارلياماني ۽ جمهوري قدرن جي فروغ ۾ سندس ڪردار اهم رهيو آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد
متعلقہ مضامین
مزید خبریں