ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جو پرڏيهي آفيس پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار استقبال ڪيو

image

اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جو پرڏيهي آفيس اچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار معزز مهمان جو استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ازبڪستان جو پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ قيام دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. ازبڪ پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان باضابطا ڳالهيون ڪندو. ڳالهين ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.

مضمون کا ماخذ : کنگ میکر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں