اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو ڪوئيٽا پريس ڪلب جو دورو

image

ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪوئيٽا پريس ڪلب جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي ۽ ڪوئيٽا پريس ڪلب جي صدر عبدالخالق رند اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي بلوچستان ۾ ميڊيا جي ڪردار ۽ ڪوئيٽا پريس ڪلب جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير صوبي ۾ ميڊيا جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي پنهنجي ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں