اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جي وحشي حڪومت والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ مسلسل انس??ني حقن جي سنگين خلاف ورزيون ڪري رهي آهي، ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري 113 ڏينهن کان سخت گير ڪرفيو لاڳو ڪري شهري حق ختم ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ڀارت جو اصل مقصد ڀارتي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪرڻ آهي جنهن جي لاءِ هو ??ڏيل قومن جي ڪيترن ئي قراردادن ۽ انس??ني حقن جي طئي ٿيل اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ايوان صدر مان جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر قطري اميري گارڊ جي ڪم??نڊر اسٽاف ميجر جنرل حزه بن خليل بن منصور الشهو??ني سان ڳالهين دوران ڪيو جنهن پنهنجي وفد سان گڏ هتي ايوان صدر ۾ صدر سان ملاقات ڪئي.