اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته اي پي ايس جهڙا سانحا دهشتگردن ۽ خوارج جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا، پاڪستاني قوم دهشتگردن کي پنهنجي مڪروه ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، 16 ڊسمبر 2014ع جي اف??وسناڪ ڏينهن دهشتگردن اسان جي معصوم ۽ قوم جي مستقبل تي حملو ڪيو، معصوم ٻارن تي حملو مڪروه ۽ انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري کي گڏيل طور ڪوششون ڪرڻيون پونديون، اچو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ جو وچن ڪريون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اها ڳالهه صدر مملڪت آصف علي زرداري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور حملي جي 10 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع جي اف??وسناڪ ڏينهن دهشتگردن اسان جي ٻارن ۽ قوم جي مستقبل تي حملو ڪيو، اڄوڪي ڏينهن دهشتگردن معصوم ٻارن سميت استادن کي ??ي دردي سان قتل ڪيو، دهشتگردن استادن ۽ شاگردن کي نشانو بڻائي عوام دشمني جو ثبوت ڏنو. صدر چيو ته معصوم ٻارن تي حملو مڪروه ۽ انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه آهي. اي پي ايس سانحي مان واضح آهي ته دهشتگردن جي ايجنڊا ملڪ ۾ جهيڙا ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي. آصف علي زرداري چيو ته 16 ڊسمبر جي ڏينهن اسان جي قوم جي اجتماعي يادداشت تي اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن، اسان جون همدرديون معصوم جانين جي وارثن سان آهن، اهو ڏينهن اسان کي ??هشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي قوم جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو. صدر مملڪت چيو ته اي پي ايس حملو اسان جي ٻارن، اسان جي مستقبل، اسان جي وجود تي حملو هو، اي پي ايس سانحي جهڙا واقعا دهشتگردن ۽ خوارج جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي پنهنجي مڪرو ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. اي پي ايس سانحي اسان کي ??هشتگردي خلاف قوم جي حيثيت سان متحد ڪيو. صدر مملڪت چيو ته تاريخ شاهد آهي ته پاڪستاني قوم مصيبتن آڏو ڪڏهن به هارائي نٿي، هي ڏينهن دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻ، ان لعنت جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. صدر مملڪت چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي سياسي قيادت به قربانيون ڏنيون آهن. اڄ اسان پنهنجي بهادر سپاهين،قانون لاڳو ڪندڙ ادران ۽ عام شهرين جي دهشتگردي خلاف قربانين کي ??راج عقيدت پيش ڪري??ن ٿا. صدر چيو ته پنهنجي ٻارن، اڳواڻن ۽ شهرين جي قربانين کي ??ائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪستان مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي پاڙ پٽي اڇلائڻ جي عزم کي ورجاي??ن ٿا. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري کي گڏيل طور تي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. صدر مملڪت زور ڀر??و ته اچو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ جو وچن ڪريون.