اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن جي ??فاقي وزير محسن نقوي سان تحريڪ انصاف پارليمنٽيرين جي باني پرويز خٽڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سيا??ي معاملن، ملڪ جي ??جموعي صورتحال ??مي?? ٻين گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرويز خٽڪ اسلام آباد ۾ احتجاج دوران شرپسندن جي حملي ۾ شهيد پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظها?? ڪيو. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهندڙ عنصرن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ سڀني کي گڏجي ان کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي، عوام رڳو پنهنجن مسئلن جو حل چاه?? ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل شاندار آهي، دنيا جي ڪا طاقت ترقي کان روڪي نٿي سگهي.