اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) ايف بي آر پاڪستان حڪومت ۽ آذربائيجان وچ ۾ نئين ٽرانزٽ واپار معاهدي ۾ ترميمن جو مسودو جاري ڪري ڇڏيو آه??. معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ناتن کي مضبوط بنائڻ ۽ گڏيل واپار ۾ سهولتون فراهم ??رڻ آه??. ايف بي آر ان حوالي سان نَون قاعدن ۽ ضابطن تي ٻَڌل مسودي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آه??، جنهن ۾ ٽرانزٽ واپار جي مختلف پهلوئن جو احاطو ڪيو ويو آه??. مسودي تحت پورٽ قاسم ۽ گوادر جي بندرگاهه واپاري سامان جي چُرپُر لاءِ اهم هنڌ قرار ڏنا ويا آه??. مسودي موجب آذربائيجان جا ڪاروباري ادارا، حڪومت ۽ سفارتي مشنز کي پاڪستان ڪسٽمز جي ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ۾ رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي ته جيئن هو واپاري سهولتن مان فائدو کڻي سگهن. واپاري سامان کڻي ويندڙ گاڏين کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن کان اجازت نامو وٺڻو پوندو. هر گاڏيءَ کي ٽريڪرز ۽ ڪسٽمز سان ڳنڍيو ويندو ته جيئن سامان جي نگراني ممڪن ٿئي. سامان جي چُرپُر دوران ڪنهن به نقصان جي صورت ۾ ڪارراوئيءَ جا قاعدا به واض?? ڪيا ويا آه??. معاهدي تحت ٻئي ملڪ ضرورت پوڻ تي اضافي اجازت ناما جاري ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته انهن تي مقرر چارجز لاڳو هوندا. واپاري سامان جي نگراني ۽ شفافيت لاءِ انشورنس گارنٽي فراهم ??رڻ لازمي هوندي. اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ عالمي واپار جون نيون راهون کوليندو. ان سان نه صرف پاڪستان جي بندرگاهن جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو پر آذربائيجان لاءِ پڻ عالمي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ آساني ٿيندي. نوٽيفڪيشن ۾ سمورن لاڳاپيل ڌُرين کي درخواست ڪئي وئي آه?? ته هو 15 ڏينهن اندر انهن قاعدن تي پنهنجا رايا يا تجويزون پيش ڪن ته جيئن ان جي حتمي منظوري ڏئي سگهجي.