رياض – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو 2 ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري وطن روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم دنيا کي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کان بچائڻ جي لاءِ 6 نقاطي ايجن??ا تجويز ڪئي ۽ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي ماحولياتي تبديلي جي خطرن جي ڪري مش??لاتن ۽ چئلينجز تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جي رياض ۾ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ?? ٻنهي اڳواڻن پاڪ سعوديه لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ ۽ انهن ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي فرانس جي صدر اي??انوئل ميڪرون سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ?? ٻنهي ملڪن جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون و??ائڻ تي اتفاق ٿيو.