اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ معصوم شهرين بشمول عورتن ۽ ٻارن جي قافلي تي شرپسندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين، معصوم شهرين جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت مارجي ويل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي آورن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته ملڪ جي ا??ن جي دشمنن معصوم شهرين جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعطم چيو ته واقعي ۾ ملوث شرپسند عنصرن جي نشاندهي ڪري انهن کي مثالي سزا ڏني ويندي، تخريبڪار اه??ي بزدلاڻي ڪاررواين سان بهادر ??اڪ??تاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته شرپسند عنصر جيڪي معصوم شهرين جو رت وهائين ٿا، اهي مسلمان ته ڇا انسان سڏرائڻ جي به لائق نه آهن.