رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ رياض کان باڪو ج?? لاءِ روانو ٿي ويو. پنهنجي ٽن ڏينهن جي ??ذر??ائيجان جي دوري دوران وزي??اع??م باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين (ڪوپ 29) ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي انٽرنيشنل رائل ٽرمينل تي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي، سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق ۽ ٻئي سفارتي عملي وزي??اع??م کي رخصت ڪيو. دنيا ۾ ماحولياتي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ ورتل ملڪن جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ منعقد ان اجلاس ۾ وزي??اع??م پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خ??رن تي روشني وجهندو. وزي??اع??م ڪوپ 29 جي عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزي??اع??م ڪوپ 29 جي سربراهي اجلاس کي خ??اب پڻ ڪندو. وزي??اع??م پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو ج??هن ۾ ڪيترائي عالمي اڳوا?? شرڪت ڪندا. وزي??اع??م ان سان گڏوگڏ تاجڪ صدر امام علي رحمان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ منعقد اعليٰ سطحي تقريب ”گليشيئرز 2025ع: گليشيئرز جي لاءِ قدم“ ۾ پ?? شرڪت ڪندو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران وڌندڙ عالمي گرمي پد تي منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏوگڏ ??ذر??ائيجان جي صدر پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پ?? شرڪت ڪندو. وزي??اع??م ڪوپ 29 ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاوتن پڻ ڪندو جتي نه رڳو گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر وزي??اع??م پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سبب خطرن تي پڻ روشني وجهندو. نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزي??اع??م سان گڏ آهن.