اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خرم دستگير خان چيو آهي ته پاڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شموليت مل?? کي هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي جتي هو علائقائي استحڪام ۽ تعاون لاءِ اهم آهي، ايس سي او ذريعي پاڪستان دنيا کي ا??و پيغام ڏئي سگهي ٿو ته ??و پرامن حل ۽ سفارتڪاري ذريعي چئلينج?? کي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس سي او ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي پاڪستان خطي ۾ کليل رابطن، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل سلامتي جي قدم?? کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. تنظيم جو ميمبر هجڻ جي ناطي پاڪستان نه رڳو پنهنجي پاليسي?? کي اجاگر ڪري سگهي ٿو پر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجي ڪوشش?? کي به بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهي ٿو. دستگير خان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) پاڪستان لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي ??و پرامن ڳالهين ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ تڪرار?? کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳاهه تي زور ڀريو ته ايس سي او مل???? کي گڏجڻ، پنهنجي اختلاف?? کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ تعاو?? کي هٿي ڏيڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او هڪ مضبوط ۽ باثر پليٽ فارم طور اڀريو آهي، جنهن نه رڳو خطي پر اولهندي مل??ن جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي. اها تنظيم عالمي منظرنامي ۾ پنهنجي اهميت ۽ اثر رسوخ کي مسلسل وڌائي رهي آهي، جيڪا مختلف مل???? کي گڏيل مفاد?? کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او ميمبر مل???? کي گڏيل قدمن ذريعي انهن چئلينجن جو موثر جواب ڏين جو موقعو فراهم ڪري ٿي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو منصوبو علائقائي رابط?? کي وڌائڻ، اقتصادي حصيداري کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي اڻٿڪ سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن پاڪستان جي عالمي ساک کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.