اس??ام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چي?? جي وزيراعظمن بنيادي نوعيت جي سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي مشاورت جاري رکندا جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چي?? جي وزيراعظم لي چيانگ جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس اس??ام آباد ۾ وفد?? جي سطح تي ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپ?? جي سمورن رخن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته گڏيل اعتماد ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وقت سان گڏ وڌيڪ سگهه ملي رهي آهي.
ٻنهي اڳواڻن بنيادي نوعيت جي سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) فيز 2 جي اعليٰ معيار تي ترقي جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل فائديمند ۽ پاڪستا?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ صنعت، زراعت جي جديديت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت سمورن جاري منصوب?? جي وقت سر تڪميل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ تحت تعاون هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ منصوب?? جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي اڻٿڪ عزم جو يقين ڏياريو. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطح جي رابطن کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ ٻطرفي تعاو?? جي سمورن شعبن کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي. م
لاقات ۾ چيني صنعت جي پاڪستان ۾ ري لوڪيش?? جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين علائقائي ۽ عالمي اميت جي مسئلن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پڻ ويجهي مشاورت جاري رکندا.