اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان 15-16 آڪٽوبر 2024ع تي شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جو قيام 15 جون 2001ع تي چين، روس، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان گڏجي عمل ۾ آندو. شنگهائي سهڪار تنظيم هڪ مستقل بين الحڪومتي عا??مي تنظيم آه??، جنهن جو مقصد گهڻ رخي سهڪار ??ي مضبوط بڻائڻ، امن ۽ سلامت?? کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين اقتصادي عا??مي نظام کي هٿي ڏيڻ آه??. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو آه??، ته ايس سي او ۾ شموليت کان پوءِ پاڪستان سٺن پاڙيسري لاڳاپن ??ي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ تعميري طور ڪم ڪيو آه?? ۽ پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ قدرن لاءِپرعزم آه??. شنگهائي سهڪار تنظيم جي فيصلي سازي واري اعليٰ اداري ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) آه?? جنهن جو هر سال اجلاس منعقد ٿيندو آه?? ۽ تنظيم جي سمورن اهم معاملن تي فيصلا ڪيا ويندا آه??. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آه?? جنهن جو بنيادي طور ڌيان ميمبر ملڪن وچ ۾ سماجي ۽ اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي آه??. ڪائونسل جو اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آه?? جنهن ۾ گهڻ رخي سهڪار ۽ تنظيم جي اندر ترجيحي شعبن جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون وينديون آه??. اقتصادي ۽ ٻين شعبن ۾ بنيادي ۽ موضوعاتي مسئلن جو تعين ڪيو ويندو آه?? ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي آه??. شنگهائي سهڪار تنظيم جو گذريل اجلاس 26 آڪٽوبر 2023ع تي بشڪيڪ ۾ منعقد ٿيو هو ۽ پاڪستان جي نمائندگي ان وقت جي نگران پرڏيهي و??ير خليل عباس جيلاني ڪئي هئي. ڄاڻايل اجلاس ۾ پاڪستان 2023ع کان 2024ع تائين حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي صدارت به سنڀالي هئي. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي سي ايڇ جي اجلاس ۾ چين جي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائيل ميشوسٽن، بيلا روس جي وزيراعظم رومن گولوچينڪو، قازقستان جي وزيراعظم اولزاس بيتتينوف، ڪرغيز وزيراعظم اڪيل بيڪتينوف، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوخير رسول زوده، ازبڪ وزيراعظم عبدالله اريپوف سميت شنگهائي سهڪار تنظيم جي ملڪن اڳواڻن جي شرڪت جو امڪان آه??. ايران جي پهرين نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جي پرڏيهي و??ير سبرانيم جي شنڪر جي به شرڪت جو امڪان آه??. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ منگوليا جو وزيراعظم يو يون ايرڊين لووسنامسرائي مبصر جي حيثيت ۽ ڪابينه جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جو پرڏيهي و??ير راشد مير دوف مهمان خاص طور شريڪ ٿيندا. عا??مي تنظيم جا نمائندا جن ۾ ايشيا ۾ تعامل ۽ اعتمادسازي جي قدمن جي ڪانفرنس (سي آءِ سي اي)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه ۽ يورپي اقتصادي برادري جي نمائندن پاران به ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جا امڪان آه??.