اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عر?? امارتن ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه گڏيل عر?? امارتن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي چيئرمين احمد جاسم الزابي سان ملاقات ۾ ڪئي. احمد جاسم الزابي ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ابوظهبي، ڊيپارٽمنٽ آف اڪنامڪ ڊولپمنٽ جو چيئرمين به آهي. پاڪستان جي سفير احمد جاسم الزابي جي مقرري تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ گڏيل عر?? امارات جي قيادت جي اقدمن ۽ ابوظهبي چيمبر جي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهي??. م??اقات دوران ڌرين گڏيل عر?? امارات جي چيمبرز ۽ پاڪستان جي چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽري وچ ۾ سهڪار وڌا??ڻ ۽ ٻطرفي واپار لاءِ گڏيل ڪاروباري منصوبن جي شروعات تي ڳالهه ڪئي. پاڪستان جي سفير، احمد جاسم الزابي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي طريقي ڪار ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ حڪومت طرفان فراهم ڪيل سهولتي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. سفير، گڏيل عر?? امارات جي چيمبرز جي ڪاروباري وفد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار ۾ اضافي، واپاري سهولتن جي فراهمي ڪاروباري لاڳاپن جي قيام، اور جي آءِ ٽيڪس ۽ ٽيڪسپور جهڙي واپاري نمائشن ۾ شرڪت تي به ا??فاق ڪيو.