لاهور-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ قونصل جنرل لاهو?? مس ماڪرسٽين ۽ وفد جي ٻين ميمبرن داتا درٻار تي حاضري ڏني. اوقاف ۽ مذهبي کاتي مطابق مذهبي معاملن واري ڊائريڪٽر جن??ل خالد محمود سنڌو سندن داتا درٻار پهچڻ تي استقبال ڪيو. ايڊمنسٽريٽر داتا درٻار ۽ ??مل?? ا?? موقعي تي موجود هئا. آمريڪي سفير ۽ قونصل جنرل طرفان درٻار شريف تي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا، آمريڪي سفير ۽ ان جي ٽيم درٻار شريف جي ترقياتي ڪمن بابت خصوصي دلچسپي ظاهر ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل وفد کي درٻار شريف تي ٿيل ترقياتي ڪمن ۽ حضرت داتا گنج بخش جي زندگي بابت بريف ڪيو. آخر ۾ ڊائريڪٽر جنرل آمريڪي سفير کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي ۽ مهمانن کي ڪتابن جا تحفا ڏنا.