اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي م??مبر مير منور ٽالپور چيو آهي ته ايل بي او ڊي تي اربين روپيا خرچ ڪيا آهن، ايل بي او ڊي جو مسئلو ڳنڀير آهي، برساتن سبب سنڌ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي اڃان ڪي قدم ناهن کنيا. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي م??ر منور ٽالپور چيو ته ايل بي او ڊي تي واپڊا اربين روپيا خرچ ڪيا آهن، وف??قي حڪومت ايل بي او ڊي کي نيچرل ڊرين جو درجو ڏي ۽ ان لاءِ وسيلا مختص ڪري، برساتن سبب سنڌ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي طرفان اڃان ڪي قدم ناهن کنيا ويا. ايل بي او ڊي جو مسئلو ڳنڀير آهي.