اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان ٽي??يفون تي بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام س??ن همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس ٽي??يفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف پروفيسر محمد يونس کي چيف ايڊوائيزر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ بنگلاديش جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. هن بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام س??ن همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??ختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن جو ذڪ?? ڪندي وزيراعظم ??نهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ اتفاق ڪيو ته وسيع تر علائقائي تعاون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پروفيسر محمد يونس ٽي??يفون ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.