ڪوئٽا-26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردي واري واقعي جي مذمت ڪندي رپورٽ ??لب ڪري ورتي آهي. پنهنجي بيان ۾ ب??وچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز احمد بگٽي موسيٰ خيل جي علائقي راڙاشم ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي قتل ٿيل ماڻهن جي خ??ندانن سان افسوس جو اظهار ڪيو. هن واقعي جي رپورٽ ??لب ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو. دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائينداسين. بلوچستان حڪومت دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو پيڇو ڪندي. هن بلوچستان ۾ ام?? امان جي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.