اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) ??طل??عات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين پاران ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو فوج جي معاملن ۾ مداخلت آهي، فيض حميد ڪيس کي فوج جو ??نٽرنل معاملو نه قرار ڏئي هن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته فيض حميد واقعي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو ??ثاثو هو. پنهنجي بيان ۾ ??طل??عات وا??ي وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي مسلسل ڪوشش آهي ته هو پنهنجي بيانن سان فيض حميد ڪيس کي تڪراري بڻائي. هن چيو ته اڄ فيض حميد جي دفاع ۾ بيان ڏيندڙ باني چيئرمين پي ٽي آءِ 190 ملين پائونڊ جي ڪيس جو ??واب ڏي. وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي اهڙن بيانن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو شديد پر??شاني ۽ ٻڏتر جو ??ڪار آهي، هن فيض حميد ڪيس کي فوج جو ??نٽرنل معاملو نه قرار ڏئي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته فيض حميد واقعي ئي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو ??ثاثو هو. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ، فيض حميد کي ڪڏهن اثاثو، ڪڏهن هيرو ۽ ڪڏهن زيرو چوي ٿو جنهن مان لڳي ٿو ته هو ذهني طور تي ڪافي پر??شاني جو ??ڪار آهي. هن چيو ته فيض حميد ڪيس ۾ به اهو ئي پتو پوي ٿو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جو ماڻهن کي استعمال ڪري اڇلائڻ ۾ ڪو به ثاني نه آهي، پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي محسن ڪشيءَ ۾ مهارت حاصل آهي.