اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پ??ڪس??ان جي ترقياتي ايجنڊا اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اسان کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، روايتي سفارتڪاري کان اقتصادي سفارتڪاري طرف پاڻ کي موڙڻو پوندو، فارن سروس اڪيڊمي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ سهولتن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، سفارتڪارن کي پ??ڪس??ان جي خدمت جي لاءِ هر وقت دستياب رهڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فارن سروس اڪيڊمي ۾ ڊپلوميٽڪ ڪورس مڪمل ڪندڙ گريجوئيٽس کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته نئين ۽ غيرروايتي سيڪيورٽي چئلينجن عالمي سلامتي کي غيريقيني بڻائي ڇڏيو آهي، سفارتي خدمتن ۾ شامل ٿيڻ تي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻو پوندو. محمد اسحاق ڊار چيو ته بلاڪ جي سياست، عالمي سياست، معيشت ۽ عالمي رياستي لاڳاپن کي بري ط??ح متاثر ڪندي. دنيا ۽ پ??ڪس??ان هڪ گهري تبديلي مان گذري رهيا آهن. نائب وزيراعطم چيو ته سفارتڪار بحران کي منهن ڏيڻ جي مشن ۾ جواب ڏيندڙ پهريان ماڻهو هوندا آهن. نوجوان سفارتڪارن کي قوم جي لاءِ پنهنجي فرضن کي سدائين ياد رکڻ گهرجي، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته سڀئي پ??ڪس??اني سفارتڪار ملڪ کي خوشحالي، امن ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ اڳتي وٺي ويندا. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته نوجوان سفارتڪار پ??ڪس??ان جو روشن مستقبل بڻائڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. سفارتڪارن کي پ??ڪس??انين جي خدمتن جي لاءِ هر وقت دستياب رهڻ گهرجي. هن چيو ته فارن سروس اڪيڊمي کي اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريان ٿو. فارن سروس اڪيڊمي ۾ رنگ روغن جو ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اداري کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ سهولتن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. هن سفارتڪارن تي زور ڏنو ته ملڪ جي نمائندي هجڻ جي حيثيت سان پ??ڪس??ان جي ڀلائي جو خيال رکڻ انهن جو اولين فرض آهي، سفارتڪارن کي عالمي قانون ۽ سياست سان گڏوگڏ اقتصادي سفارتڪاري جو به ماهر هجڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته سفارتڪارن تي فرض آهي ته اهي پنهنجي صلاحيتن موجب پ??ڪس??ان جي خدمت ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان سفارتڪارن کي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ضروري مهارتن سان ليس ڪيو وڃي. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي ترقياتي ايجنڊا اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اسان کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سفارتڪار پنهنجي لاڳاپيل ملڪن ۾ پ??ڪس??ان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏين ٿا. سفارتڪارن کي عالمي قانون ۽ سياست سان گڏ اقتصادي سفارتڪاري جو به ماهر هجڻ گهرجي. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي ترقياتي ايجنڊا اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اسان کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. روايتي سفارتڪاري کان اقتصادي سفارتڪاري طرف پاڻ کي موڙڻو پوندو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته عالمي تبديليون پ??ڪس??ان جي عالمي لاڳاپن ۽ پرڏيهي پاليسي تي سڌوسنئون اثرانداز ٿي رهيون آهن. هن چيو ته فارن سروس اڪيڊمي اهڙا ناليوارا سفارتڪار پيدا ڪيا جن پ??ڪس??ان جي نمائندگي وڏي اعزاز سان ڪئي آهي، فارن سروس اڪيڊمي هيستائين 1500 کان وڌيڪ غيرملڪي سفارتڪارن کي تربيت ڏني آهي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان سفارتڪارن کي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ضروري مهارتن سان ليس ڪيو وڃي. هن چيو ته سافٽ پاور روايتي جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، هاڻي بيانيي ۽ غلط معلومات جي جنگ ٿي رهي آهي. سڄي دنيا جا معاشرا تباهي جو شڪار آهن. جڏهن ته طاقت جي مقابلي بلاڪ سياست جي واپسي جو خدشو وڌائي ڇڏيو آهي.