اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته توان??ئي جي وڌندڙ قيمتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀني جي لاءِ لاڀائتو حل ڳولڻو پوندو، ڪيپسٽي چارجز جي مسئلي جو قابل عمل حل تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري هڪ ڪميٽي جوڙي، ڪميٽي توان??ئي جي شعبي جي مسئ??ن جي حل لاءِ صدر جي آفيس سان گڏجي ڪم ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي قيادت ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد کي خطاب ڪري رهيو هو. وفد ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ واپارين ۽ 40 علائق??ئي ڪاروباري تنظيمن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته صدر جي آفيس ڪاروباري برادري جي ڪميٽي سان هر ممڪن تعاون ڪندي، حڪومت، عوام، واپاري برادري، پيداواري ڪمپنين سميت سڀني جي لاءِ لاڀائتو حل ڳولڻ گهرجي، متفقه حل تيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڌر کي نقصان نه ٿئي. صدر چيو ته پاڪستان جي ڪاروباري ادارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيان، ادرا?? آهي ته مهانگي کاڄرو مال، توان??ئي ۽ ٻارڻ جي ڪري ڪاروباري شعبي کي مشڪلاتون درپيش آهن. هن چيو ته توان??ئي جي وڌندڙ قيمتن سان عوام?? صنعتن، زراعت ۽ روانگي واپار جي شعبي تي بار پئجي رهيو آهي، توان??ئي جي قيمتن ۾ گهٽت??ئي آڻڻ جي لاءِ توان??ئي شعبي ۾ سڌارن جي ضرور?? آهي. اعجاز گوهر جو چوڻ هو ته صدر کي درخواس?? آهي ته توان??ئي جي قيمتن جي معاملي ۾ مداخلت ڪري. صدر پاڪستان جي صنعتن ۽ ڪاروباري ادارن کي درپيش مسئ??ن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر وفد کي مسئ??ن جي حل، لاڳاپيل ڌرين آڏو معاملو اٿارڻ ۾ تعاون جو يقين ڏياريو.