اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي ايراني گادي واري شهر تهران ۾ قتل جي مذمت ڪندي خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي م??م جوئي تي سخت ڳڻ??ي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته اسان کي ايران جي نئين چونڊيل ص??ر جي حلف برداري واري تقريب جي م??قعي تي ٿيندڙ ان غيرذميواراڻي ڪارروائي سان وڏو صدمو پهتو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم سميت ڪيتريون ئي غيرملڪي شخصيتون شريڪ هيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان عدالت کان مٿانهين ۽ ٻين ملڪن جي سرزمين تي قتل سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي م??م جوئي کي گهري ڳڻ??ي جي نظر سان ڏسي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائيل جون تازه ترين ڪارروايون اڳ کان ئي ع??م استحڪام ۾ ورتل خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو ۽ امن جي ڪوششن جي لاءِ نقصانڪا?? آهن.