راولپنڊي-10 جولاءِ (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي س??ن پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ ??نه?? ملڪن جي پيشيوراڻي فوج جي انفينٽري رائفل ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع جي پڄاڻي واري تقريب نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي ۾ منعقد ٿي. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ”انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع“ پهريون ڀيرو دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ منعقد ڪئي وئي. ٻن هفتن تي ٻڌل مشقون 29 جون 2024ع تي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ شروع ٿيون. ??نه?? پيشيوراڻي فوجن مان هر هڪ ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. جنرل آفيسر ڪمانڊنگ 17 ??وي??ن پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آمريڪي فوج جي 34 انفينٽري ??وي??ن جي ڪمانڊنگ جنرل ميجر جنرل چارلس جي ڪيمپر ??ه پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن مشقن دور??ن پيشيوراڻي مهارتن جي اعليٰ ترين معيار جو مظاهرو ڪيو. انفينٽري رائفل ڪمپني ايڪسچينج جو مقصد مشقن جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ ??نه?? ملڪن کي درپيش دهشتگردي جي دائمي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اهم دهشتگردي جي خاتمي جي تجربن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. ان دائري ڪار ۾ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي مهارت ح??صل ڪرڻ کانسواءِ اربن وار فيئر ۾ شامل مارڪ مين شپ جي مهارت سان گڏوگڏ فني مهارتن کي حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو.