اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت ??ار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ فلسطين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو، پاڪستان مطالبو ڪي?? ته اسرائيل کي جوابده بڻايو وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، 37 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، 20 لک فلسطيني پنهنجي گهرن کان بي دخل ٿي چڪا آهن ۽ لڏپلاڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف هو ته 1967ع کان اڳ ??ار??ن سرحدن تحت آزاد فلسطيني رياست کي تسليم ڪي?? وڃ??، جنهن جي گادي ??ار?? شهر القدس الشريف هجي ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهن کي فوري طور تي روڪيو وڃي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته غزه ۽ رفع بابت ڪير به پڇڻ ??ار?? نه آهي، اتي اسپتالن تي بمباري جاري آهي، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ امدادي سامان ضرورتمندن تائين پهچائڻ جي پهچ نه پئي ڏني وڃ??، جيڪو هڪ وڏو الميو آه??، جنهن تي پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ زوردار آواز اٿاريو ۽ واضح موقف پيش ڪي??. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ اسلامو فوبيا بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.