اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ا??حا?? ڊار چيو آهي ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، ڪلائميٽ، سياحت ۽ مائيگريشن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سوئٽزرلينڊ جي سفير جارج سٽينر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽر محمد ا??حا?? ڊار پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ سوئس ڪ??پنين کي ساراهيو ۽ وڌيڪ سوئس ڪ??پنين کي پاڪستان ۾ خا طور تي قابل تجديد توانائي ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ا??حا?? ڊار ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل سال ڊيزاسٽر مئنيجمي??ٽ تي مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جو حوالو ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڌرين جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏيندو جنهن سان اهي مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي استعمال ۾ آڻي سگهندا. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال ۽ گهڻ رخي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گهڻ رخي معاملن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار سان گڏوگڏ انساني همدرديءَ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ملڪ جي تعاون کي پڻ ساراهيو. واضح رهي ته سوئيٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير گذريل سال جولاءِ ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان سال جنوري ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت ٿي هئي.