رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ملا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊڻ تي امير جي مبارڪن واري خط تي سندس شڪريو ادا ڪيو. شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي امير جو عه??و سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي وزيراعظم ساڻس ملي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن ٻه طرفي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي شراڪتداري ۾ تبديل ڪري سگهجي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهترين مف??دن ۾ هوندو. پاڪستان ۽ ڪويت نومبر 2023ع ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معا??دن تي صحيحيون ڪيون هيون. ملا??ات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کان علاوه علائقائي صورتحا?? خاص ڪري غزه جي بحران جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم ڪويت جي امير کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.