اسلام آ??اد- 14 فيبروري (اي پي پي) حڪومت سازيءَ لاءِ (ن) ليگ ۽ پ پ جي اڳواڻن تي ٻَڌل ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب مطابق پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان سينيٽر اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، سينيٽر اع??م نذير تارڙ ۽ ملڪ محمد احمد خان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته پ پ جي نمائندگي سيد مراد علي شاهه، قمر الزمان ڪائره، سعيد ??ني ۽ ٻين ڪئي. ڪميٽي اتفاق ڪيو ته جلد کان جلد حڪومت سازي جي عمل کي مڪمل ڪيو وڃي. ڪميٽي جون مشاورت سان جوڙيل تجويزون اڳواڻن کي پيش ڪيون وينديون. ڪميٽيءَ جي سف??رش?? جي روشني ۾ قيادت حتمي فيصلو ڪندي.