اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سومر ڏينهن 5 فيبروري تي ڪشمير يڪج??تي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ان ڏينهن تي پاڪستاني ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري، ڪشميري عوام سان انهن جي فتح نه ??يڻ جوڳي خودمختياري جي حق ??ي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ يڪج??تي جو ورجاءُ ڪن ٿا. هن چيو ته ماضي وانگر ڪشمير يڪج??تي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ هڪ وسيع پروگرام جوڙيو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.