اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان قنڌار جي گورنر ۽ افغانستان جي ملٽ??ي ??نٽيلي ج??س ۽ اسٽريٽجي ج?? نائب سربراهه حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جا??ي ??يان موجب هن گڏيل دلچسپي ج?? اهم معاملن بشمول امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ عوام سان عوام جي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير افغانستان سان مسلسل رابطي ۽ گڏيل ??ائديمند لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي واپار ۽ رابطن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڳڻتي ج?? سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. حاجي ملاشيرين چار ڏهاڪن کان لکين افغانين جي فراخدلاڻي حمايت تي پاڪستان کي ساراهيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جا??ي ??کڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ افغان وفد پاڪستان افغانستان گڏيل رابطا ڪميٽي ج?? ڇهين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. جي سي سي اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي مقصد جي لاءِ سرحد پار چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ رابطاڪاري ج?? طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.