اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول کان ٻاهر 2 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ مسجدن کي خواندگي ۽ تعليمي مقصد?? جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، مسجدون ۽ مدرسا هيٺئين سطح تي اهم سماجي ۽ صحت ??ي مسئلن بابت بيداري پيدا ڪرڻ کانسواءِ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مسجدن ۽ مدرسن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، اسلامي نظريايت ڪائونسل جي چيئرمين ??روفيسر ڊاڪٽر قبلا اياز، صوبائي وزيرن ۽ اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري اداري جي نمائندن سان گڏوگڏ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر اٽڪل 28 ملين ??ارن کي تعليم فراهم ڪرڻ هڪ تمام وڏو چئلينج آهي جنه?? جي لاءِ هزارين ??ئين اسڪولن ۽ اضافي وسيل?? جي ضرورت هوندي. هن اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ معاشري پاران غيرروايتي حل ۽ گڏيل ڪوششن ??ي ضرورت تي زور ڏنو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هڪ جلد سکڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. صدر چيو ته مسجدون ۽ مدرسا جمعي جي خطب?? جي ذريعي اخلاقي قدرن، ڀائيچاري، رواداري، امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪ ٻئي جي حق?? جي احترام کي فروغ ڏئي معاشري جي اصطلاح ۽ معاشرتي براين تي ابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مسجد?? جي ذريعي ذهني ۽ عمومي صحت ??ي مسئلن، آبادي جي ڀلائي، بين المذاهب هم آهنگي، عورت?? جي حقن ۽ ڪميونٽي جي سطح تي غذائي کوٽ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر وڌيڪ چيو ته صحت، تعليم ۽ مذهبي معامل?? جي وزارتن پاران وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مسجدن ۽ مدرس?? جي شموليت سان ماڻهن کي سماجي ۽ صحت ??ي مسئلن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس انداز اختيار ڪيو وڃي.