اسلام آباد- 06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ صحت جي عالمي ادار?? صحت جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ ??فا??مت جي ياد داشت ت?? صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن واري تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، قوم?? صحت جي نگران وزير ڊاڪٽر نديم جان، سيڪريٽري هيلٿ افتخار علي شلواني ۽ ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر بصير اچڪزئي به موجود هئا. ??فا??مت جي ياد داشت تي سيڪريٽر?? صحت افتخار شلواني ۽ صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ماهييالان ??فا??مت جي ياد داشت ت?? صحيحون ڪيون. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ??يلٿ ڊاڪٽر بصير اچڪزئي بريفنگ دوران ٻڌايو ته علاج لاءِ يونيورسل هيلٿ ڪوريج حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان م??صد لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ به سڄي دنيا ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي معاملن بحث ڪئي وئي. سڄي ملڪ ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي شروعات ڪئي آهي. ان لاءِ پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري طبي اوزان، ايمبولينسون ۽ موبائل يونٽس جي فراهمي، ليبر رومز ۽ صحت جي بنيادي ۽ ثانوي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان جي مدد ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ايمبولينسون ۽ موبائيل هيلٿ يونٽس جون چاٻيون ڏنيون. وزيراعظم صحت جي عالمي اداري طرفان فراهم ڪيل ايمبولينسن جو معائنو به ڪيو .