اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فلسطين جي ??در محمود عباس کي ٽيليفون ڪري پاڪستان جي ??وام ۽ حڪومت پاران اسرائيل پاران 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطين جي معصوم ??اڻ??ن تي ڪيل ظلمن تي دلي همدرديءَ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته غزه جي ??ورتحال انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، پوري پاڪستاني قومي اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي ڏاڍ ۽ دهشتگردي تي ڏکويل آهي. صدر اسرائيل پاران شديد بمباري ۽ اسڪولن ۽ اسپتالن کي به نشانو بڻائڻ جي مذ??ت ڪئي ۽ چيو ته وحشياڻي قدمن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن، صحت جي ??عبي، صحافين ۽ گڏيل قومن جي ??مدادي ڪارڪنن سميت هزارين فلسطيني مارجي ويا. هن چيو ته غزه جي موجوده صورتحال اسرائيل جي ڏهاڪن کان نسلي فرق ۽ غيرمنصفاڻي پاليسين جو ردعمل آهي. صدر مسلمانن جي نسل ڪشي ۽ انهن کي پنهنجي ??لائقن مان بيدخل ڪرڻ تي اسرائيل جي مذ??ت ڪئي. هن عزه جي ??وام جي ??لاف اسرائيل جي قاتلاڻي مهم روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران عدم ڪارروائي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي ??ل لاءِ فلسطين جي ??مايت جاري رکندو. صدر چيو ته عالمي برادري فوري جنگبندي ۽ غزه تائين انساني همدرديءَ جي ??نياد تي لنگهه کولڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ فلسطينين جي پنهنجي وطن مان وڌيڪ بيدخلي روڪڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي مستقل حل جي لاءِ ڪوششون ڪري. فلسطيني صدر محمود عباس چ??و ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن اسرائيل کي فلسطيني سرزمين تي ويڙهه کي روڪڻ سان گڏوگڏ انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ غزه جي لاءِ لنگهه کولڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه جي ??اڻ??ن جي لاءِ خوراڪ، دوائون ۽ بجلي دستياب نه آهي. ان موقعي تي فلسطيني صدر محمود عباس فلسطين جي ??مايت ۽ انساني امداد موڪلڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.