اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ايسوسيئيشن ۽ بر??انوي پلاسٽڪ سرجنز جي وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت ??يسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز بشير ڪئي. صحت واري وفاقي وزارت جا عملدار پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻارن جي پيدائشي طور تي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرو??ت آهي، ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي علاج سان ٻارن جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. موجوده دور جي صحت جي مسئلن، مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ جدت ??ختيار ڪرڻي پوندي. وفد صدر کي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني ايسوسيئيشن جي ڪم ۽ سرگرمين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ايسوسيئيشن معاشري جي لاچار طبقن کي گجرات ۾ مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ايسوسيئيشن پاڪستان ۾ عالمي معيار موجب علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، متاثر ٻارن کي کائڻ ۽ ڳالهائڻ جي مسئلن کانسواءِ امتيازي ??لوڪ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايسوسيئيشن جي ٻارن جي علاج ۽ سرجري جي حوالي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.