اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب اما??ات (يو اي اي) جي مختصر دوري تي روانو ٿي ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گڏيل عرب اما??ات جي صدر محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو ۽ سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پ??را?? تعزيت جو اظهار ڪندو. مريم اورنگزيب دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ سعيد بن زايد النهيان ک?? ج??ت ۾ جڳهه ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جي همت ڏي.