اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران بزرگ عورت کي ملڪيت جو قبضو واپس ڏيارڻ جو حڪم برقرار رکندي انتظاميا کي في??لي تي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ عورت شهري جي 10 مرلا زمين تي مبينا طور تي قبضي مافيا قبضو ڪري رکيو هو. ايوا?? صدر جي پريس ونگ موجب شڪايت ڪندڙ منور بي بي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي ملڪيت جي تحفظ ايڪٽ تحت شڪايت داخل ڪرائي هئي ته ملڪ عبدالمجيد ۽ جواد شوڪت ان جي زمين تي غيرقانوني طور تي قبضو ڪري رکيو آهي. محتسب عورت جي حق ۾ حڪم جاري ڪندي ڊي سي کي قبضو بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عبدالمجيد وفاقي محتسب کي نظرثاني جي درخواست ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. محتسب پنهنجي في??لي ۾ قرار ڏنو ته ثابت ٿي چڪو ته عورت ملڪيت جي مالڪ آهي جنهن کي 1979ع ۾ رجسٽرڊ سيل ??يڊ جي ذريعي ملڪيت منتقل ڪئي وئي. في??لي ۾ بهاره ڪهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي عورت جو قبضو بحال ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي وئي. ان ڏس ۾ موقعي تي موجود تڪ جي پٽواري کان مدد وٺندي پلاٽ جي بحالي جي لاءِ سمورا قانوني ذريعا است??ما?? ڪيا وڃن. بعد ۾ عبدالمجيد محتسب جي في??لي جي خلاف صدر کي اپيل ??اخل ڪئي. صدر عبدالمجيد ۽ ٻين جي اپيل ??ير سان داخل ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته اپيل ??ڪم ملڻ جي 30 ڏينهن جي اندر داخل ڪرڻ گهرجي ها. صدر چيو ته درخواستگذارن حڪم وصول ڪرڻ جي تاريخ بابت ڪجهه به ناهي چيو، اپيل نه رڳو دير سان داخل ڪئي وئي پر ميرٽ تي به نه آهي. هن هدايت ڪئي ته انتظاميا هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي.