اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ريڊ??و پاڪستان جي ملازمن کي رٽائرمينٽ مراعتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري رٽائرڊ ملازم?? جا خاندان مشڪلاتن جو شڪار آهن، ريڊ??و پاڪستان جهڙي روين??و پيدا ڪندڙ اداري کي مالي و??يلن جي شديد کوٽ ڳڻتي جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پارا?? جاري بيان موجب صدر چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت ريڊ??و پاڪستان جي 38 ملازمن کي 3 مهينن جي اندر پينشنري مراعتون ادا ڪري، ريڊ??و پاڪستان کي فنڊز جي فراهمي جو معاملو اعليٰ سطح تي اٿارڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اطلاعات واري و??ارت جو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ ادائگي جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي ۽ وفاق?? محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. تفصيل موجب سيد پرويز حسين شاهه ۽ ٻين 37 شڪايت ڪندڙن محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن موجب مختلف تاريخن تي سروس تان رٽائرڊ ٿيندڙ انهن اڳوڻن ملازم?? جا پينشن پيمنٽ آرڊرز جاري ٿيا پر ادائيگي نه ڪئي و??ي. وفاق?? محتسب ريڊ??و پاڪستان پاران متاثر ملازمن کي مالي مسئلن جي بنياد تي ادائيگي نه ڪرڻ کي بدانتظامي قرار ڏيندي ريڊ??و پاڪستان کي رٽائرڊ ملازمن کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وفاق?? محتسب موجب افسوس جو اڳوڻا ملازم پوڙهائپ ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ رُلي رهيا آهن، پوڙهائپ ۾ هڪ هڪ پئسو رٽائرڊ ملازم جي بنيادي ضرورت هوندي آهي. ريڊ??و پاڪستان محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر وفاق?? محتسب جي فيصلي جي خلاف ريڊ??و پاڪستان جي اپيل اڪلائيندي چيو ته مڃيل قانون آهي ته رٽائرمينٽ مراعتون رياست پاران انعام نه آهي، رٽائرمينٽ مراعتون ملازم کي اطمينان جوڳي خدمتن جي ڪري ملندڙ حق آهي. صدر چيو ته پينشنري فائدين جي ادائيگي نه ٿيڻ جي ڪري رٽائرڊ ملازمن ۽ گهرڀاتين جون مشڪلاتون ڳڻتي جوڳيون آهن. ريڊ??و پاڪستان پاڻ پنهنجي ملازمن کي رقم جي ادائيگي جي ذميواري تسليم ڪئي آهي. صدر هدايت ڪئي ته اطلاعات وارو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ فنڊز جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي.