اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي و??پار ۾ اضافي جي لاءِ اقتصادي س??ارتڪاري تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روانگي و??پار ۽ غيرملڪي س??ڙپڪاري وڌائي پاڪستان معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊينمارڪ ۽ روانڊا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سف??رن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪي روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري س??ارتڪاري تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر سان ڊينمارڪ ۾ پاڪستان جي نامزد سف??ر شعيب سرور ملاقات ڪئي. صدر چيو ته نامزد سف??ر ملڪي روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي س??ارتڪاري تي ڌيان ڏين. صدر چيو ته ڊيري ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي س??ڙپڪاري جي دعوت ڏئي سگهجي ٿي، انفارميشن ٽيڪنالاجي به تعاون وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم شعبو آهي. هن چيو ته نامزد سف??ر ڊينمارڪ جي هوائي توانائي جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ دعوت ڏي، نامزد سف??ر قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر اميد ظاهر ڪئي ته وزارتي سطح تي تازي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان روانڊا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر نعيم الله خان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان روانڊا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن. صدر چيو ته زراعت، خوراڪ جي تحفظ ۽ انساني و??يلن جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان آهن، نامزد سف??ر درآمد ڪندڙن ۽ برآمد ڪندڙن کي مدد فراهم ڪري لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائي. صدر چيو ته نامزد سف??ر روانڊا جي و??پارين کي پاڪستاني مارڪيٽ تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ انهن سان رابطو ڪري. صدر ٻنهي سف??رن کي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ انساني حقن جون خلاف ورزيون اجاگر ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.