اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قانونسازي سان شفاف ۽ منصفاڻو نظام ڏنو ويو آهي، پا??ليامينٽ پنهنجي آئيني اختيارن ??ي تحفظ لاءِ آخري حد تائين ويندي، پا??ليامينٽ پنهنجي آئيني حقن ??ي تحفظ ۽ دفاع جو ڀرپور حق رکي ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پا??ليامينٽ جو قانونسازي جو آئيني اختيار ڪير به کسي نه ٿو سگهي، عدليه جو اختيار آئين ۽ قانون ??ي تشريح ڪرڻ آهي، آئين ”ري رائٽ“ ڪرڻ يا قانونسازي جي اختيار تي پا??ندي هڻڻ عدليه جو اختيار نه آهي. هن چيو ته پا??ليامينٽ وڪيل برادري، بار ڪائونسلز ۽ ايسوسيئيشنز جي پراڻي مطالبي تي قانونسازي ڪئي. آرٽيڪل 184 (3) بابت قانونسازي سان عدليه جي اختيار، آزادي ۽ خودمختياري ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي، ان قانونسازي سان ”ون مين شو ۽ امپيريل ڪورٽ“ جهڙا اعتراض ختم ڪيا ويا، سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر موسٽ جج?? مشاورت سان اهي اختيار استعمال ڪندا.