اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف ايران سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، توانائي ت??اون، سلامتي ۽ علائقائي ا??تح??ام ۾ بطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تازو ئي پولان گبد اليڪٽرسٽي ٽران??مي??ن لائين جي فعال ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ايراني حڪومت جي ت??اون کي ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا ??مي?? عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ امن ۽ ا??تح??ام جي فروغ لاءِ ايراني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي صدر ابراهيم رئيسي کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي تاريخي اڳڀرائي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته فلسطين جي والاريل علائقن ۾ اسرائيل پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي اسرائيل فلسطين تڪرار جي من??فاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڏنو.