اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي تباهي جي اثرن مان نڪري رهيو آهي، اپريل 2022ع ۾ حڪومت سنڀالي ته آءِ ايم ايف پروگرام عمران حڪومت جي واعده خلافي جي ڪ??ي معطل هو، اپريل 2022ع ۾ اسان حڪومت سنڀالي ته پاڪستان ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي خزاني جي لاءِ ناقابل برداشت فيول سبسڊي ڏني جنهن جي ڪ??ي قوم کي 100 ارب رپيا ماهوار خسارو برداشت ڪرڻو پيو. گذريل س??ل اسان جي امپورٽس 80 ارب ۽ روانگي واپار 31 ارب ڊا??ر هو، اڳوڻي حڪومت تاريخ جو سڀ کان وڏو 49 ارب ڊالر واپاري خسارو ڏئي وئي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 17.5 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڏئي وئي. پي ٽي آءِ جي چار سالن ۾ هر سال رڪارڊ بجيٽ خسارو ٿيندو رهيو. اڄ فيڊرل، ٽريڊ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته شديد معاشي مشڪلاتن جي باوجود اسان ٻوڏ جي صورتحال جو مقابل?? ڪيو، متاثرين جي مدد ڪئي. پي ٽي آءِ چار سالن ۾ تاريخي 20 هزار ارب جو قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا. اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ اضاف?? ڪيو. اسان غريب خاندانن کي مفت اٽو ڏئي رهيا آهيون ته جيئن ا??هن کي مهانگائي کان ريليف ملي سگهي.