اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آ??ري??ا هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ??هي. پاڪستان – آ??ري??ا دهشتگردي جي خاتمي ڊائيلاگ 6، 7 مارچ 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يو ??ين اينڊ اي ڊي) سيد حيدر شاهه ڪئي جڏهن ته آ??ري??ي وفد جي سربراهي پرڏيهي کاتي جي دهشتگردي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪري رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻن ڏينه?? واري ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخ?? فورمز تي دهشتگردي جي خاتمي تعاون، دهشتگردي جي خاتمي جي علائقائي منظرنامي جو جائزو، سائبر سيڪيورٽي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آ??ري??ي امداد جي منصوبن تي پُڻ غور ويچار ڪيو ويو ۽ خاص طور تي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ انصاف جي شعبي ۾ ??لا??يت وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ??لا??يت کي وڌائڻ ۾ انهن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين دهشتگردي جي مالي معاونت جي خلاف پنهنجي تجربن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي. هنن هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ان ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.