اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نجي ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستا?? ۾ ??مسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، نجڪاري کانپوءِ ڪراچي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪراچي اليڪٽرڪ جي 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ڪراچي اليڪٽرڪ جي سيڙپڪاري کي انرجي سيڪٽر خاص طور تي شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش سمورا مسئلا ت??جي??ي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڪستا?? ۾ ??مسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جي موقعن مان نجي ۽ عالمي ڪمپنين کي مان کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ح??وم?? قابل تجديد خاص طور تي توانائي جي ذخيرن سان بجلي پيدا ڪرڻ کي ت??جي?? ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ موجود سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪراچي اليڪٽرڪ جي لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ روينيو ڪليڪش?? ۾ ??هتري آئي آهي جيڪو باقي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي لاءِ هڪ مثال آهي. ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪراچي اليڪٽرڪ جي وفد ۾ شيخ عبدالعزيز حمد الجوميه، شان عباس، نان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪراچي اليڪٽرڪ، سيد مونس عبدالله علوي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪراچي اليڪٽرڪ ۽ عمران حسين قريسي چيف ريگيوليٽري آفيسر ڪراچي اليڪٽرڪ شامل هئا.