اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خا?? مندوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر مقرر ڪ??ي ڇڏيو آهي. جعفر خا?? مندوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف پارٽي جي مشاورت سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر نامزد ڪيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جعفر خا?? مندوخيل ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خا?? مندوخيل کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪ??ي ته جعفر مندوخيل بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي بهتر طور منظم ڪندو ۽ پارٽي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندو. ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خا??ان عباسي ۽ تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا.